Share this link via
Personality Websites!
يعني اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! هي صلح جنهن کي ظاهري طور شڪست سمجهيو پيو وڃي، هن صلح جي پردي ۾ اسان توهان جي لاءِ روشن فتح رکي ڇڏي آهي.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! هن صلح ۾ ڪهڙي حڪمت هئي، اها ٿوري ئي عرصي کان پوءِ واضح ٿيڻ شروع ٿي وئي. عُلماءِ ڪرام لکن ٿا: * پهريان اهلِ اسلام ۽ ڪافرن جي وچ ۾ جنگ هئي، تنهنڪري غير مسلمن کي اهلِ اسلام جي ويجهو اچڻ جو موقعو نه ملندو هو، جڏهن هي صلح ٿي وئي ته غير مسلم، مسلمانن وٽ اچڻ وڃڻ لڳا، سندن طور طريقا، ۽ آدابِ زندگي ويجهو کان ڏسڻ لڳا، قرآن ڪريم جون آيتون ٻڌڻ لڳا، ان جي برڪت سان سندن دلين ۾ اسلام جي روشني ڦهلجڻ شروع ٿي وئي * اهڙي طرح پري ۽ ويجهي وارا اُهي قبيلا جيڪي مڪي جي قريشن جي خوف سبب مسلمانن کان پري هئا، اهي به ويجهو اچڻ لڳا * وڌيڪ هي ته اڳ ۾ مسلمانن کي مڪي جي ڪافرن جي خطري مان ئي فرصت نه ملندي هئي، هن صلح کان پوءِ اُهو خطرو في الحال ٽري ويو، تنهنڪري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم روم ۽ ايران (Rome & Iran) وغيره پري پري جي بادشاهن ڏانهن خط روانا ڪيا، انهن کي اسلام جي دعوت ڏني. مطلب ته هن صلح کان پوءِ ئي اسلام جي روشني پري پري تائين پکڙجڻ شروع ٿي وئي، ان جو نتيجو هي نڪتو جو صرف 3 سالن جي عرصي بعد مڪو به فتح ٿي ويو ۽ اسلام جي روشني به ڦهلجي وئي. علماءِ ڪرام لکن ٿا ته: هنن 3 سالن ۾ ايترا ته ماڻهو مسلمان ٿيا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami