Share this link via
Personality Websites!
۾ هن ڳالهه جي حق ۾ نه هئا ته مسلمان مڪي ۾ داخل ٿين. خير! مذاڪرات جو سلسلو جاري هو، ان دوران سهيل بن عمرو نالي هڪ شخص غير مسلمن جي طرفان قاصد بڻجي حاضر ٿيو. جڏهن هِي حُدَیْبِیَہ پهتو ته پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: هاڻي سُهَيل (يعني آسانيءَ وارو) اچي ويو آهي، هاڻي توهان جو معاملو آسان ٿي ويندو.
سُهيل اچڻ سان ئي چيو: اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم! جيڪڏهن توهان جنگ نه ٿا چاهيو، امن چاهيو ٿا ته اچو! اسان گڏجي شرطون طئي ڪري وٺون ٿا. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم ڪافي دير تائين سهيل سان گڏ ويهي شرطن (Terms & Conditions) تي ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا، آخرڪار ٻنهي طرفن کان شرطون طئي ٿي ويون ۽ امن معاهدو لکي ان تي صحيحون ڪيون ويون.
هتي جيڪا حيرت انگيز ڳالهه سامهون اچي ٿي اها هيءَ هئي ته هن معاهدي ۾ مسلمانن تي سخت پابنديون عائد ڪيون ويون هيون ۽ غير مسلمن کي تمام گهڻي ڇُوٽ ڏني وئي هئي، مثال طور: ان ۾ هڪ شرط هيءَ به هئي ته جيڪڏهن مديني جو ڪو شخص مڪي هليو اچي ته اهلِ مڪه ان کي پاڻ وٽ رکي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن مڪي مان ڪو مسلمان مديني هليو وڃي ته مسلمان ان کي پاڻ وٽ نه ٿا رکي سگهن پر ان کي واپس مڪي موڪلڻو پوندو.
هي اهڙيون سخت شرطون هيون جيڪي ظاهري طور ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پئي آيون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami