Share this link via
Personality Websites!
وَآلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ ڏاچي قَصويٰ ويهي رهي، صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم کي پريشاني ٿي ته اڄ قصويٰ خلافِ عادت ائين ڇو ويهي رهي آهي. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:
ما خَلاَتِ القَصْوَاءُ، وَما ذَاكَ لَها بِخُلُقٍ، وَلٰكِنْ حَبَسَهَا حَابِسُ الْفِيْلِ
ترجمو: قصويٰ ضد ڪري نه ويٺي آهي ۽ نه ئي هن جي اهڙي عادت آهي، پر هِن کي اُنهيءَ (رب ڪريم) روڪي ڇڏيو آهي، جنهن هاٿين (يعني ابرهه جي فوج) کي روڪي ڇڏيو هو. ([1])
يعني قصويٰ ڏاچيءَ جو اهڙي طرح خلافِ معمول (Unusually) ويهي رهڻ هڪ خدائي اشارو هو ته هي مبارڪ قافلو مڪي پاڪ ڏانهن نه وڃي پر اِتي ئي حُدَیْبِیَہ ۾ ترسي پوي.
هيڏانهن مسلمانن جو اِهو قافلو حُدَیْبِیَہ ۾ ترسيو، هوڏانهن مڪي جي ڪافرن سمجهيو ته شايد مسلمان جنگ جي ارادي سان آيا آهن، تنهنڪري انھن به جنگ جي تياري شروع ڪري ڏني. خير! واقعو ڊگهو آهي، پر مان ٿورو مختصر ڪري رهيو آهيان، هاڻي ٻنهي پاسن کان هڪ ٻئي ڏانهن قاصد موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته غير مسلم ڇا ٿا چاهِن ۽ مسلمان ڇا ٿا چاهِن. سڀ کان پهريان بُدَيل نالي هڪ شخص غير مسلمن جي طرفان قاصد بڻجي آيو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اهلِ مڪه کي ٻڌايو ته اسان جنگ جو ارادو نه ٿا رکون، اسان ته بس عمرو ڪرڻ جي لاءِ آيا آهيون، عمرو ڪري واپس هليا وينداسين.
پر بدنصيب غير مسلم هن ڳالهه تي به راضي نه ٿيا، اُهي ڪنهن به صورت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami