Share this link via
Personality Websites!
ماڻهن جي دعا قبول نه ٿيندي آهي:
(1): جيڪو ويران جاءِ ۾ قيام ڪري.
وضاحت: مثال طور ڪو شخص ويران ۽ ويران جاءِ ۾ رات گذارڻ لاءِ ترسي پوي ۽ هاڻي دعائون ڪندو رهي ته يا الله پاڪ! منهنجي حفاظت فرماءِ. حديث پاڪ ۾ آهي ته اهڙي شخص جي اُها دعا قبول نه ڪئي ويندي آهي.
(2): ٻيو اهو مسافر جيڪو رستي تي قيام ڪري.
وضاحت: اڳئين زماني ۾ ماڻهو پيدل سفر ڪندا هئا، رستا ڪچا هوندا هئا ته رستي تي ترسڻ نامناسب ۽ خطرناڪ هوندو هو، تنهنڪري فرمايائون: ته جيڪو رستي تي رهي، پاڻ کي خطرن جي حوالي ڪري ۽ پوءِ دعائون گهُري ته ياالله پاڪ! مون کي خطرن کان بچاءِ. ته اهڙي شخص جي به دعا قبول نه ٿيندي آهي.
(3): اهو جيڪو پنهنجو جانور پاڻ ڇڏي ڏئي، هاڻي دعا ڪري ته اي الله پاڪ! ان کي روڪي ڇڏ! ان جي به دعا قبول نه ڪئي ويندي آهي.[1] ڇوته مشهور چوڻي آهي ته خُويشتن کرده را علاجِ نيست يعني پنهنجي ڪئي جو ڪو علاج ناهي.
جن جون دعائون قبول نه ٿيون ٿين
سيدي اعليٰ حضرت رحمۃُ اللہِ علیہ مٿي ذڪر ڪيل حديث پاڪ لکڻ کان پوءِ فرمائن ٿا: * اهڙي طرح جيڪو شخص گهر ۾ هٿ ٻَڌي ويهي رهي ۽ چوي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami