Share this link via
Personality Websites!
مون کي به عطا فرمائيندو. اِهو سوچي اُهو شخص هڪ مسجد ۾ وڃي ويهي رهيو، بس ڏينهن رات الله الله ڪري رهيو آهي، نمازون پڙهي رهيو آهي. دعائون گهُري رهيو آهي ته اي اُن اپاهج لومڙيءَ کي رزق ڏيڻ وارا مالِڪَ ڪريم! مون کي به رزق عطا فرماءِ.
هڪ ڏينهن گذريو، رزق نه آيو، ٻيو ڏينهن گذريو، رزق نه آيو، ٽيون ڏينهن به گذري ويو، هاڻي ته هن شخص جو بک کان بُرو حال ٿي ويو، آخرڪار تڙپي تڙپي ۽ روئي روئي بارگاهِه الٰهي ۾ دعا ڪيائين. تڏهن غيب مان آواز آيو: اي شخص! تون لومڙيءَ کي ڏٺو، شينهن کي ڇو نه ڏٺو، تون لومڙيءَ وانگر ڪنڊ ۾ ته ويهي رهين، پر ايئن ڇو نه ڪَيَئي ته شينهن وانگر پاڻ به کائين ها ۽ ٻين کي به کارائين ها. توکي هٿ، پير، اکيون، ڪن سڀ ڪجهه ڏنو ويو آهي، وڃ! محنت ڪر، ڪماءِ، پاڻ به کاءُ ۽ ٻين کي به کاراءِ.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ ڪيترو نه سکڻ لاءِ سبق آهي، اسان تدبير ڇڏي ڏيون ۽ چئون ته قدرت منهنجي لاءِ پنهنجا قانون بدلائي ڇڏيندي ۽ مون کي ويٺي ويٺي ملڻ شروع ٿي ويندو. اِها خام خيالي آهي. دعائون ضرور گهُرو، نمازون ضرور پڙهو، الله پاڪ جو نالو ضرور وٺو، تلاوت به لازمي ڪريو، پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان جا سمورا ڪم معجزاتي طور پاڻمرادو ٿي ويندا، ائين نه آهي پر نيڪيءَ جي برڪت هيءَ هوندي آهي ته ان جي ڪري اسان کي درست تَدبير ڪرڻ جو رستو ملي ويندو آهي.
3 ماڻهن جي دعا قبول نه ٿيندي آهي
حديث پاڪ ۾ آهي: رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: 3
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami