Share this link via
Personality Websites!
ڇڏي آهي اِجهو هاڻ ڇِتِ ڦاٽندي ۽ مون تي نعمتن جي برسات شروع ٿي ويندي * ڪجهه ماڻهن جو هي ذهن هوندو آهي ته جيئن ته مان نماز پڙهندو آهيان، تنهنڪري منهنجي دڪان مان چوري نه ٿي ٿِي سگهي * جيئن ته مان تلاوت ڪندو آهيان، تنهنڪري مون کي ڪا وڏي بيماري نه لڳندي * جيئن ته مان دعائون پڙهي ڇڏيون آهن، تنهنڪري هاڻي ڪا مشقت نه ايندي.
هڪ ڳالهه هيءَ آهي ته ماڻهوءَ جو الله پاڪ تي يقين پختو آهي، اِها ته تمام سٺي ڳالهه آهي پر اسان نيڪي ڪرڻ کان پوءِ به تدبير جا محتاج آهيون، مثال طور: جيڪڏهن ماڻهو موٽرسائيڪل تي ويهي سفر جي دعا ته پڙهي ڇڏي پر رستي ۾ ون ويلنگ (One Wheeling) شروع ڪري ڇڏي ۽ پوءِ چوي ته مون دعا پڙهي ڇڏي آهي، تنهنڪري هاڻي ڪجهه نه ٿيندو. اِها ته تدبير کي معطل ڪرڻ واري ڳالهه آهي.
مان الله پاڪ جو امتحان نه وٺندو آهيان
هڪ ڀيري الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَليهِ السَّلام کان ڪنهن پڇيو: ڇا توهان الله پاڪ تي توڪل (يعني ڀروسو) رکندا آهيو؟ فرمايائون: ها! بلڪل رکندو آهيان. عرض ڪيو ويو: پوءِ هِن سامهون واري جبل تي چڙهي پاڻ کي هيٺ اڇلايو! ڏسون ته، توهان جو رب توهان کي بچائي ٿو يا نه؟ پاڻ عَليهِ السَّلام ڏاڍو سهڻو جواب ڏنو، فرمايائون: مان الله پاڪ تي توڪل ضرور رکندو آهيان پر ان جو امتحان نه وٺندو آهيان.[1]
ڏسو! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه سمجهڻ جي ڳالهه آهي، اسان کي به
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami