Share this link via
Personality Websites!
هڪ ٻي جاءِ تي فرمايو ويو:
لَهَا مَا كَسَبَتْ وَ عَلَیْهَا مَا اكْتَسَبَتْؕ- (پارو: 3، سورة بقرة: 286)
ترجموڪنزالعرفان: جنهن ساهه جيڪو چڱو ڪمايو اهو انهيء جي لاءِ آهي ۽ جنهن ساهه جيڪو برو ڪمايو ان جو وبال انهيء تي آهي.
هڪ هنڌ ارشاد ٿيو:
هَلْ تُجْزَوْنَ اِلَّا بِمَا كُنْتُمْ تَكْسِبُوْنَ(۵۲) (پارو: 11، سورة يونس: 52)
ترجمو ڪنزالعرفان: توهان کي توهان جي ڪمايل عملن جو ئي بدلو ڏنو پيو وڃي.
سورة شوريٰ ۾ ته الله پاڪ بلڪل صاف فرمائي ڇڏيو:
وَ مَاۤ اَصَابَكُمْ مِّنْ مُّصِیْبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ اَیْدِیْكُمْ (پارو: 25، سورة شوريٰ: 30)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهتي اها توهان جي هٿن جي ڪيل عملن جي سبب آهي
معلوم ٿيو ته نتيجو اسان جي عملن جو هوندو آهي، اسان کي جيڪا مصيبت پهچندي آهي، پوءِ اُها ناڪاميءَ جي صورت ۾ هجي، تنگدستيءَ جي صورت ۾ هجي، پريشانيءَ جي صورت ۾ هجي، حادثن جي صورت ۾ هجي، اڪثر ڪري اِهي مصيبتون اسان کي اسان جي عملن جي نتيجي ۾ ملنديون آهن. تنهنڪري هر ناڪاميءَ جو الزام تقدير تي هڻڻ بجاءِ بهتر آهي ته اسان پنهنجي تدبير تي غور ڪريون. جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ اسان کي ناڪامي ٿي آهي ته ضرور اسان ڪٿي غلطي ڪئي هوندي، اُن غلطيءَ کي سڃاڻڻ جي عادت اختيار ڪرڻ گهرجي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami