Share this link via
Personality Websites!
هر وقت رڳو اختلافن ۾ ئي رُڌَل رهڻ ڪافي نه هوندو آهي، اِهو ترقي کي روڪي ڇڏيندو آهي، تنهنڪري اختلافن کي حڪمتِ عملي ۽ تدبير سان مينج manage ڪري پنهنجي مقصد ڏانهن وڌڻ گهرجي. الله پاڪ اسان کي اهڙي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
پيارا اسلامي ڀائرو! صلح حُدَیْبِیَہ مان اسان کي ٻيو سبق هي سکڻ لاءِ ملي ٿو ته اسان کي ڪمن ۾ تدبير اختيار ڪرڻ گهرجي. تدبير جي معنيٰ آهي: اَلنَّظْرُ فِی عَاقِبَۃِ الْاَمْرِ يعني ڪم جي نتيجي کي ڪم ڪرڻ کان اڳ سوچڻ. ([1])
ڏسو! صلح حديبيه جي موقعي تي صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم سخت شرطن کي ڏسي رهيا هئا، پر پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم هن صلح جي نتيجي ۾ ملڻ واري فتحِ مبين (روشن فتح) تي نظر فرمائي رهيا هئا. هن صلح جي نتيجي ۾ غير مسلمن جي ويجهو اچڻ، اسلام کي سمجهڻ ۽ دائرهء اسلام ۾ داخل ٿيڻ کي ڏسي رهيا هئا. پوءِ هن تدبيرِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِهٖ وَسَلَّم جو اُهو نتيجو نڪتو جو دنيا دَنگ رهجي وئي.
عملن جي انجام کان غافل نه ٿيو!
معلوم ٿيو ته اسان کي به تدبير اختيار ڪرڻ گهرجي. معذرت سان عرض ڪري رهيو آهيان، اسان ماڻهو بهتر تدبير نه ڪندا آهيون پوءِ جڏهن ناڪامي ٿيندي آهي ته پنهنجين ناڪامين (Failures) جو الزام تقدير تي هڻي ڇڏيندا آهيون ته * بس قسمت ئي اهڙي هئي* تقدير ۾ ئي اِهو لکيل هو * انسان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami