Share this link via
Personality Websites!
472549
9200
جماعت تي غالب آئي آهي، ۽ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. (پاره: 2، البقره: 249)
يعني اي انسانو! اسان 313 آهيون ته ڇا ٿي پيو...!! جالوت جو لشڪر وڏو ۽ طاقتور آهي ته ڇا ٿيو...؟ توهان همت نه هاريو! اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون، الله پاڪ پنهنجي قدرت سان ڪيترا ئي ڀيرا ننڍي لشڪر کي وڏن وڏن لشڪرن تي فتح عطا فرمائي ڇڏيندو آهي، ان ڪري همت کان ڪم وٺو...!! انهن جي اها نصيحت اثر ڪري وئي، پوءِ دنيا ڏٺو ته انهيءَ 313 جي مختصر لشڪر جالوت جي هزارن جي لشڪر کي زبردست ۽ تاريخي شڪست ڏني. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي ڏسو! انهن 313 ۾ هي جيڪي باهمت ۽ وڏي حوصلي وارا ماڻهو هئا، الله پاڪ خصوصيت سان انهن جو هي وصف بيان فرمايو ته اهي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضريءَ جو يقين رکڻ وارا هئا، خوفِ خدا وارا هئا، انهيءَ خوفِ خدا کين تمام گهڻو باهمت ۽ بلند حوصلي وارو بڻائي ڇڏيو هو، انهيءَ جي برڪت سان هنن ايڏي وڏي لشڪر تي غلبو حاصل ڪري ورتو.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته خوفِ خدا، قيامت جي ڏينهن بارگاهه الاهيءَ ۾ حاضريءَ جو خيال انسان کي حوصلو ڏئي ٿو، همت ڏئي ٿو، جنهن جي برڪت سان انسان وڏين وڏين مشڪلاتن مان مرڪي گذري ويندو آهي. ڏسو نه...! امامِ عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ميدانِ ڪربلا ۾ ڪيڏو نه صبر ڪيو، ڪيڏي استقامت ڏيکاري، ڪيڏو نه ڏکيو امتحان هو، جنهن ۾ پاڻ ثابت قدم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami