Share this link via
Personality Websites!
472547
9200
الْکَرِیْم! ٻين ڪيترن ئي فائدن سان گڏ فجر ۾ اٿڻ جي توفيق به ملي ويندي.
رب جي بارگاھ ۾ حاضريءَ جو خيال طاقت ڏيندو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! خوفِ خدا، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضريءَ جو خوف ۽ اهو تصور نهايت ئي ڪمال جي شيءِ آهي. ان سان انسان کي همت ۽ حوصلي جي قوت ملي ٿي، هي اها پوشيده طاقت آهي جيڪا اسان کي باهمت ۽ بلند حوصلي وارو بڻائي ڇڏي ٿي. ان جي برڪت سان ماڻهو اهڙا عظيم ڪارناما سرانجام ڏئي وٺندو آهي جو دنيا حيران رهجي ويندي آهي. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ هڪ واقعو ذڪر فرمايو آهي ته حضرت طالُوت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ) بني اسرائيل جا بادشاهه هئا، کين بادشاهه ڪنهن بڻايو هو؟ ان وقت جي نبي(عَلَيۡهِ السَّلَام) ڏانهن وحي آئي ۽ الله پاڪ جي حڪم سان کين بادشاهه مقرر ڪيو ويو.
جڏهن پاڻ بادشاهه بڻجي ويا ته ان وقت هڪ وڏو غير مسلم (ظالم) بادشاهه 'جالُوت' هو. حضرت طالوت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ جالوت سان جنگ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن هي لشڪر جنگ جي ميدان ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ الله پاڪ کي انهن جو امتحان مقصود هو، سو حڪم ٿيو: ٿورو اڳتي هلي هڪ نهر ايندي، توهان کي اڃ به گهڻي لڳندي پر جيڪو ان نهر مان پاڻي نه پيئندو، اهو ئي لشڪر ۾ شامل رهندو، ۽ جيڪو پاڻي پي وٺندو، ان کي واپس گهر موڪليو ويندو. هلندي هلندي ٿورو ئي اڳتي اها نهر اچي وئي. هاڻي صورتحال اها ٿي جو ڪيترن ئي ماڻهن نهر مان پاڻي پي ورتو، حضرت طالوت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان سڀني کي لشڪر مان الڳ ڪري گهر موڪلي ڇڏيو. هاڻي جيڪي باقي بچيا، اهي صرف 313 هئا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami