Share this link via
Personality Websites!
472546
9200
بڻجي ويندا.
حافظِ ملت علامه عبدالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ دفعي ميلاد شريف جي جلسي ۾ فرمايو: ٻڌايو! اهڙو انسان جيڪو ڪيترين راتين کان جاڳيل هجي، ٿڪل هجي، ان لاءِ هڪ تمام آرامده بسترو ۽ هر قسم جي آرام جو سامان مهيا ڪيو وڃي، پر کيس چيو وڃي ته هن ڪمري ۾ هڪ نانگ رهي ٿو، ته ٻڌايو! ڇا ان ٿڪل ماڻهوءَ کي اتي ننڊ ايندي؟ ڪنهن چيو: نه. پوءِ فرمايائون: ڇو نه ايندي؟ ان ڪري جو ان جي دل ۾ نانگ جو ڊپ دل ۾ ويهي ويو. جڏهن نانگ جي خوف سان ننڊ ڦٽي سگهي ٿي، ته خدا جو خوف دل ۾ هجي ۽ نماز جي وقت ننڊ اچي وڃي، ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اها واقعي هڪ حقيقت آهي، اسان کي گهرجي ته پنهنجي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ڪيون، موت کي ياد ڪندا رهون ۽ ربِّ ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضريءَ جو تصور ڪيون. رات جو جڏهن سمهڻ لڳو ته فجر جي نماز لاءِ الارم (Alarm) ضرور لڳايو، بلڪ ڪنهن نمازي يا ٿي سگهي ته محلي جي مسجد جي امام صاحب جي خدمت ۾ درخواست ڪريو ته هو توهان کي صبح جو نماز جي وقت سجاڳ ڪري ڇڏين. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو ڪم به ڪريو، رات جو سمهڻ کان پهريان بستري تي ليٽي ڪجهه دير لاءِ موت، قبر ۽ آخرت جو تصور ڪيو. هي سمهڻ جي آدابن مان به آهي ته سڄي پاسي، سڄي رخسار (ڳل) جي هيٺان سڄو هٿ رکي، قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهو ۽ ان وقت قبر ۾ سمهڻ جو تصور قائم ڪريو. ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami