Share this link via
Personality Websites!
472543
9200
يعني نماز تمام ڳري آهي، تمام ڏکيو ڪم آهي، ها! جيڪي خاشعين آهن، ربِ ڪريم جو خوف رکڻ وارا آهن، ان رحمن ۽ رحيم رب سان محبت رکڻ وارا آهن، جن جون دليون خوف ۽ خشيت سان ڀريل آهن، انهن لاءِ هي ڪم ڏکيو ناهي، بلڪ تمام آسان آهي.
هاڻي خاشعين (يعني خوفِ خدا وارا) ڪير آهن؟ ان جي وضاحت ڪئي پئي وڃي، ارشاد ٿئي ٿو:
الَّذِیْنَ یَظُنُّوْنَ اَنَّهُمْ مُّلٰقُوْا رَبِّهِمْ وَ اَنَّهُمْ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَ۠(۴۶)
ترجمو ڪنزالعرفان؛ جن کي يقين آهي ته کين پنهنجي رب سان ملڻو آهي ۽ انھن کي انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي. (پارہ:1، البقرۃ:46)
هن جاءِ تي "ظن" (گمان) جو مطلب "يقين" آهي. ([1]) هي خاشعين جون ٻه صفتون آهن: (1) خاشع اهو هوندو آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضريءَ جو يقين رکندو آهي ۽ پيشيءَ جو خوف دل ۾ رکندو آهي. (2) خاشع اهو هوندو آهي جيڪو موت کي ۽ دنيا مان موٽي رب جي بارگاهه ۾ وڃڻ کي هر لمحي پيشِ نظر رکندو آهي.
مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي وضاحت ۾ لکن ٿا: بني اسرائيل کي ايمان آڻڻ جو حڪم ڏنو ويو پر اهو انهن تي تمام ڳرو هو (انهن کي پنهنجا عهدا ۽ منصب ختم ٿيندي نظر پئي آيا، آمدني بند ٿيندي پئي ڏٺائون، ان ڪري مال ۽ عهدي جي لالچ ۾ ايمان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami