Share this link via
Personality Websites!
472561
9200
مسئلو: جمعي جي ٻي اذان ۾ خاموش رهڻ اوليٰ (بهتر) آهي.
وضاحت: جمعي جي ڏينهن جڏهن عربي وارو خطبو پڙهيو ويندو آهي، اهو خطبو خاموشي سان ٻڌڻ واجب آهي. اهڙي طرح جيڪا خطبي کان پهرين اذان ٿيندي آهي (جنهن کي جمعي جي ٻي اذان چيو ويندو آهي)، اها اذان به توجهه سان خاموش رهي ٻڌڻ گهرجي. ان وقت عام طور تي ماڻهو ڪشمڪش ۾ هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو ان اذان جو جواب ڏئي رهيا هوندا آهن، ڪجهه ناهن ڏيندا، ڪجهه ماڻهو اذان دوران آڱوٺا چمندا آهن، ڪجهه ناهن چمندا. هن ڪشمڪش جو علاج يعني درست شرعي مسئلو ڇا آهي؟ ٻڌي وٺو! خطيب صاحب جن کي عربي وارو خطبو پڙهڻو آهي، انهن لاءِ ان اذان جو جواب ڏيڻ ۽ آڱوٺا چمڻ جائز آهي. باقي ماڻهن لاءِ بهتر اهو آهي ته نه زبان سان اذان جو جواب ڏين ۽ نه ئي آڱوٺا چمن. فتاويٰ رضويہ ۾ آهي: خطبي جي اذان جي جواب ۽ ان کان پوءِ دعا پڙهڻ کان بچڻ اوليٰ آهي ۽ جيڪڏهن ڪري وٺن ته حرج ناهي. ائين ئي خطبي جي اذان ۾ نالي پاڪ تي آڱوٺا چمڻ کان بچڻ اوليٰ (بهتر) آهي ۽ چمي وٺن ته حرج ناهي. پر خطبي ۾ رڳو سڪون جو حڪم آهي. خطبي ۾ نالو پاڪ ٻڌي رڳو دل ۾ درود شريف پڙهن ۽ ٻيو ڪجهه نه ڪن، زبان کي حرڪت به نه ڏين. ([1])الله پاڪ اسان کي درست اسلامي احڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami