Share this link via
Personality Websites!
472559
9200
جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے
یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے
اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو ته: تڪبر جو نشو، پاڻ کي پسند ڪرڻ جو نشو. طاقت ۽ قوت. عهدي ۽ مرتبي جو گهمنڊ. مال ۽ دولت جو نشو اسان جي مٿي تان لهي سگهي ٿو، جيڪڏهن اسان موت کي ياد ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.
الله پاڪ اسان کي خوفِ خدا نصيب ڪري، قيامت جي ڏينهن رب جي بارگاھ ۾ حاضري جو ڊپ عطا ڪري، ڪاش! موت جي ياد نصيب ٿي وڃي...!!
خوفِ خدا حاصل ڪرڻ جا طريقا
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان خوفِ خدا جي اهميت بابت ٻڌو. خوفِ خدا ئي اها بنيادي شيءِ آهي جنهن جي ذريعي اسان پنهنجي دنيا ۾ اچڻ جي مقصد کي پورو ڪري سگهون ٿا. خوفِ خدا جي ذريعي ئي اسان گناهن کان بچي سگهون ٿا ۽ خوفِ خدا سان ئي اسان جو معاشرو هڪ مثالي معاشرو بڻجي سگهي ٿو. هاڻي سوال اهو آهي ته اسان جي اندر خوفِ خدا ڪيئن پيدا ٿيندو؟ ان جي لاءِ قرآن ڪريم جي تلاوت جو معمول بڻايو وڃي، خاص ڪري اهي آيتون جن ۾ الله پاڪ جي عذاب، جهنم ۽ قيامت جو ذڪر آهي. انهن آيتن جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي ذهن ۾ ويهاري خوب توجهه سان بار بار تلاوت ڪئي وڃي. اهي حديثون جن ۾ خوفِ خدا جو بيان آهي، اهي پڙهيون وڃن. خوفِ خدا تي ٻڌل ڪتابن جو مطالعو ڪيو وڃي. خوفِ خدا رکندڙ بزرگن جي سيرت پڙهي وڃي. شيڊول بڻائي روزانو يا گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو قبرستان حاضري ڏني وڃي، اتي فاتحه به پڙهي وڃي ۽ گڏوگڏ ان ڳالهه تي غور به ڪيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami