Share this link via
Personality Websites!
472556
9200
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ٻه وصفون آهن:
الَّذِیْنَ یَظُنُّوْنَ اَنَّهُمْ مُّلٰقُوْا رَبِّهِمْ وَ اَنَّهُمْ اِلَیْهِ رٰجِعُوْنَ۠(۴۶)
ترجموڪنزالعرفان: (اهي) جن کي يقين آهي ته کين پنهنجي رب سان ملڻو آهي ۽ کين ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (سيپارو :1، البقره:46)
(1) بارگاههِ الاهي ۾ حاضري جو تصور. (2) موت جي ياد. اهي ٻئي شيون جيڪڏهن نصيب ٿي وڃن ته اسان پوريءَ طرح اندران سڌري سگهون ٿا. تنهنڪري اهي ٻئي وصفون پاڻ ۾ پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش فرمايو!
سيپارو: 3، سورة البقره، آيت: 281 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اتَّقُوْا یَوْمًا تُرْجَعُوْنَ فِیْهِ اِلَى اللّٰهِۗ- (پاره: 3، البقره: 281)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾
توهان الله ڏانهن موٽايا ويندؤ.
هڪ قول مطابق هن آيت سڳوري جي معنيٰ آهي: اي ايمان وارؤ! ان ڏينهن کان ڊڄو جڏهن توهان هن دنيا کي ڇڏي آخرت جي سفر تي روانا ٿي ويندؤ. ([1])
افسوس! اهو ڏينهن جڏهن ملڪ الموت عَلَيہِ السَّلام تشريف کڻي ايندا، بدن مان روح ڇڪي ڪڍيو ويندو، مسجدن ۾ اعلان ڪيو ويندو: فلاڻو پٽ فلاڻي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami