Share this link via
Personality Websites!
472553
9200
شيءِ ملندي اها خوفِ خدا جي گهٽتائي هوندي. تنهنڪري جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري کي مثالي معاشرو بڻائڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن معاشري مان گناهن جو خاتمو ڪرڻو آهي ته ان لاءِ اسان سڀني کي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ڪرڻو پوندو.
خوفِ خدا جي ڪري بيهوش ٿي ڪري پيا
حضرت مِسعَر بِن ڪِدَام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن اسان امامِ اعظم، امام ابوحنيفه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ ڪنهن جاءِ تان گذري رهيا هئاسين، بي خياليءَ ۾ امامِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مبارڪ پير هڪ ڇوڪري جي پير تي پئجي ويو. ڇوڪري جي رڙ نڪري وئي ۽ هن جي واتان بي اختيار نڪتو: يَا شَيْخُ اَلَا تَخَافُ الْقِصَاصَ يَوْمَ الْقِیَامَۃِ يعني اي شيخ! ڇا توهان قيامت جي ڏينهن ورتي ويندڙ بدلي (قصاص) کان نٿا ڊڄو؟ بس هن ڇوڪري جي اها ڳالهه ٻڌڻي هئي ته امامِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي ۽ پاڻ بيهوش ٿي زمين تي تشريف کڻي آيا. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! امامِ اعظم رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جو مبارڪ پير رڳو بي خياليءَ ۾ ان ڇوڪري جي پير تي پيو، پاڻ ڄاڻي واڻي ائين نه ڪيو هئائون، ان ڇوڪري جي زبان مان به بي اختيار جملو نڪتو، پر ان جملي ۾ قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضريءَ جو ذڪر هو. امامِ اعظم رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ کي جيئن ئي الله جي بارگاهه ۾ حاضريءَ جو خيال آيو، سندن تي ڏڪڻي طاري ٿي وئي ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيا. غور فرمايو! جيڪو ٻانهو الله پاڪ کان ايترو ڊڄندو هجي: * ڇا اهو ڪنهن جي حق تلفي ڪندو؟. * ڇا اهو ڪنهن کي گاريون ڏيندو؟. * ڇا اهو ڪنهن جي رقم ڦٻائيندو؟ * ڇا اهو ڪنهن کي ناحق ستائيندو؟ * ڇا اهو ٻين جي ننڊ خراب ڪندو؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami