Share this link via
Personality Websites!
472552
9200
مثالي معاشري لاءِ خوفِ خدا پهريون شرط آهي:
پيارا اسلامي ڀائرو! خوفِ خدا جي فائدن مان هڪ اهم ۽ وڏو فائدو هي به آهي ته ان جي برڪت سان معاشري جون سموريون برايون ختم ٿي وينديون آهن، جيڪڏهن اسان کي صحيح معنيٰ ۾ خوفِ خدا نصيب ٿي وڃي، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿيڻ جو ڊپ ملي وڃي، موت جي ياد اسان جي دل ۾ ويهي وڃي ته ان جي برڪت سان: * اسان جو معاشره واقعي مثالي معاشرو بڻجي ويندو. * اسان جي معاشري مان سموريون برايون ختم ٿي وينديون. * گناهن جا اڏا ويران ٿي ويندا ۽ پورو معاشرو دنيا ۾ جنت جي تصوير بڻجي ويندو. جيتوڻيڪ گناهن ۽ ڏوهن جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن، پر انهن ۾ هڪ تمام اهم ۽ بنيادي سبب خوفِ خدا جي گهٽتائي به آهي. * شراب ڇو پيتو وڃي ٿو؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * ماڻهو بدڪاريءَ ڏانهن ڇو وڌي ٿو؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. *وياج ڇو کائين ٿا؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. *چوريون ڇو ٿين ٿيون؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * ڌاڙا ڇو ٿا لڳن ؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * ناحق قتل ڇو ٿين ٿا؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * جوئا جا اڏا ڇو ٿا هلن؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * ٻين کي ناحق تڪليف ڇو پهچائي وڃي ٿي؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * غيبت ڇو ٿئي ٿي؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * چغلي، ڪوڙ، واعدي خلافي، گاريون ، هي سڀ ڇو آهن؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * گهر گهر ۾ لڙائي ڇو آهي؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. * ماپ تور ۾ گهٽتائي ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ خوفِ خدا جي گهٽتائيءَ جي ڪري. مطلب ته، گناهن جي جيتري به وڏي فهرست تيار ڪئي وڃي، انهن سڀني گناهن جي سببن ۾ جيڪا بنيادي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami