Share this link via
Personality Websites!
472550
9200
رهيا ۽ ڪامياب ٿي ويا. سندن به اهو ئي وصف هو، پاڻ موت کي هر وقت سامهون رکندا هئا. 10 محرم جي رات، جنهن رات جي صبح جو ڪربلا ۾ جنگ ٿي، ان رات حضرت زينب رضي الله عنها، جيڪا امام حسين جي ڀيڻ آهي، پاڻ امامِ عالي مقام جي خدمت ۾ حاضر ٿي، پنهنجي پريشاني ۽ ڏک انهن جي سامهون بيان ڪيائون ته ڪربلا جو ميدان آهي، چئني طرفن کان يزيد جا ظالم آهن، افسوس! هاڻي انهن مشڪلاتن سان ڪيئن منهن ڏبو ؟ امامِ عالي مقام رضي الله عنه ان وقت تمام سهڻي نصيحت فرمائي، ارشاد فرمايائون: ڀيڻ...!! شيطان تنهنجي برداشت ۽ صبر کي نقصان نه پهچائي، زمين وارا سڀ هڪ ڏينهن مري ويندا، آسمان وارن کي به بقا ناهي، باقي رهڻ واري ذات صرف الله پاڪ جي آهي. ([1])
ان ڪري پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دل ۾ خوفِ خدا وڌايو، الله پاڪ جي حاضريءَ جو تصور ڪندا ڪريو، موت کي ياد ڪريو، يقين ڄاڻو! ان جي برڪت سان مشڪلاتن سان ڀريل هن دنيا ۾ جيئڻ آسان ٿي ويندو. حضرت ڪعب الاحبار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: "جيڪو موت کي سڃاڻي وٺندو آهي، ان تي دنيا جا غم ۽ مصيبتون آسان ٿي وينديون آهن." امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو فرمان آهي: جنهن موت جي ياد دل ۾ ويهاري ڇڏي، دنيا جون سڀ مصيبتون (Hardships) ان تي آسان ٿي وينديون..([2])
تم اے بوڑھو سنو! نوجوانو سنو! اے ضَعیفو سنو! پہلوانو سنو!
موت کو ہر گھڑی سر پہ جانو سُنو! جلد توبہ کرو میری مانو سنو!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami