Share this link via
Personality Websites!
آهن، جڏهن آخري گهڙين تي به غور ٿي ويندو آهي، تڏهن حسرتون ئي بدلجي وينديون آهن، زندگيءَ کي ڏسڻ جو نظريو ئي تبديل ٿي ويندو آهي.
بِشر بن مروان هڪ حڪمران هو. جڏهن سندس آخري وقت آيو ته چوڻ لڳو: خدا جو قسم! منهنجي دل چاهي ٿي ته ڪاش! مان هڪ حبشي غلام هجان ها، سڄي شهر ۾ سڀ کان خراب حالت منهنجي هجي ها، مان ٻڪريون چاريندو هجان ها، ڪاش! مان حڪمران نه هجان ها.
جڏهن اها خبر حضرت شقيق بلخي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي پئي ته پاڻ فرمايائون:
اَلْحَمْدُ لِلَّهِ الَّذِي جَعَلَهُمْ يَفِرُّونَ اِلَيْنَا وَلَا نَفِرُّ اِلَيْهِمْ
ترجمو: الله پاڪ جو شڪر آهي، جو اِهي ماڻهو آخري وقت ۾ اسان جهڙو ٿيڻ جي خواهش ڪن ٿا، پر اسان ڪنهن به وقت انهن جهڙو ٿيڻ جي تمنا نه ٿا ڪريون.
اِنَّهُمْ لَيَرَوْنَ فِينَا عِبَرًا وَإِنَّا لَنَرَى فِيهِمْ غِيَرًا
ترجمو: بيشڪ اهي اسان مان عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪن ٿا، جڏهن ته اسان انهن جي حالت ڏسي دنيا جي بي ثباتي (بدلجندڙ دنيا جا بدلجندڙ رنگ) ڏسون ٿا. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ دنيا بي وفا آهي، جنهن کي ملندي آهي، ان کي به کائي ويندي آهي ۽ جنهن کي نه ملندي آهي، ان کي پنهنجي طلب ۾ لڳائي ضايع ڪري ڇڏيندي آهي. سٺو ۽ سمجهه وارو اهو آهي، جيڪو هِن (دنيا) کان منهن موڙي الله پاڪ جي طرف هلي پوندو آهي. توهان ڏسو! هن دنيا جي حقيقت اسان کي قبرستان ۾ نظر ايندي آهي. اِها ڪيڏي نه عبرتناڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami