Share this link via
Personality Websites!
اسان انهن آخري گهڙين تي نظر رکڻ وارا بڻجي وڃون ته اسان جون اڌ کان وڌيڪ حسرتون پنهنجو پاڻ ئي ختم ٿي وينديون.
توهان ڏسو! قارون جنهن کي بيشمار خزانا ڏنا ويا هئا، جنهن جي خزانن جون رڳو چاٻيون ئي سوين اٺ کڻي هلندا هئا ته پوءِ سوچيو ان جو خزانو ڪيترو وڏو هوندو! هڪ دفعو ان پنهنجو بهترين لباس پهريو، اڳيان پويان نوڪر چاڪر، خزاني سان ڀريل اٺ، وڏي شاهانه پروٽوڪول سان شهر ۾ نڪتو. گهٽين مان گذري رهيو هو ته جيڪي ڪم ظرف هئا، شين کي اڌوري نظر سان ڏسڻ وارا هئا، انهن جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، سندن دليون رشڪ ۽ حسرت مان بيقرار ٿي ويون، چوڻ لڳا: واهه! واهه!! ڇا ته شان ۽ شوڪت آهي! ڪاش! اسان کي به اهڙا خزانا مليا هجن ها.
پر اڳين ئي ڏينهن جڏهن قارون پنهنجي غرور، تڪبر ۽ گناهن سبب پنهنجي خزاني سميت زمين جي اندر غرق ڪيو ويو، تڏهن انهن رشڪ ڪرڻ وارن، اڌوري اک سان ڏسڻ وارن ماڻهن جون اکيون پوري طرح کُلِي ويون، پوءِ چوڻ لڳا:
لَوْ لَاۤ اَنْ مَّنَّ اللّٰهُ عَلَیْنَا لَخَسَفَ بِنَاؕ-
(سيپارو: 20، سورة قصص: 82)
ترجمو ڪنزالعرفان: جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي به غرق ڪري ڇڏي ها.
يعني الله جو وڏو ڪرم ٿيو...!! شڪر آهي جو اسان کي اهڙو خزانو نه مليو، نه ته اسان به زمين ۾ غرق ٿي وڃون ها. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! جڏهن انسان جون اکيون پوري طرح کُلِي وينديون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami