Share this link via
Personality Websites!
قارون کي ايترو خزانو ڏنو ويو، جيڪو اسان خواب ۾ به نه ڏسندا هونداسين. پر هاءِ ...!! انهن جا اُهي آخري لمحا...!! ڪيڏا نه دردناڪ لمحا هئا، ڪيڏي نه بيوسيءَ وارا اُهي لمحا هئا. عذاب انهن ڏانهن وڌي رهيو هو ۽ هُو ان کان بچڻ جون ڪوششون ڪري رهيا هئا. تقريبًا 51 ڪروڙ ڪلو ميٽر چورس زمين تي هڪ گِرانٺ جيتري جڳهه به کين نه ملي، جتي پناهه وٺي اُهي عذاب کان بچي سگهن. سموريون طاقتون، سمورا خزانا، سموريون فوجون، سڀ خادم، سڀ محل، سڀ ڪجهه اِتي جو اِتي رهجي ويو ۽ اڄ سندن نالو نشان به موجود نه آهي.
تُو خُوشی کے پھول لے گا کب تلک تُو یہاں زندہ رہے گا کب تلک
دولتِ دنیا کے پیچھے تُو نہ جا آخِرت میں مال کا ہے کام کیا؟
مالِ دنیا دو جہاں میں ہے وبال کام آئے گا نہ پیشِ ذوالجلال
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان اڌ نظر وارا ماڻهو آهيون، اسان شين کي پُورو نه ڏسندا آهيون. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي شاهانه زندگي جا خواب ڏسندا آهن * ڪنهن جي گاڏي * ڪنهن جو بنگلو * هزارين روپين جا وڳا * لکين روپين جي موبائل فون * ڪروڙن جو بئنڪ بيلنس * شاهانه پروٽوڪول ڏسي اسان رشڪ ڪندا آهيون، اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي قسمت کي ملامت ڪندا آهيون، دل ئي دل ۾ چئي رهيا هوندا آهيون: ڪاش! مون کي ايڏي دولت هجي ها، ڪاش! مون وٽ به اهڙي گاڏي هجي ها، ڪاش! مان به محلن ۾ رهندو هجان ها..... پر افسوس! اسان آخري گهڙين کي نه ڏسندا آهيون. دنيا جا وڏا وڏا بادشاهه، جيڪي ظالم ۽ جابر هئا، غير مسلم ۽ گنهگار هئا، انهن جون آخري گهڙيون ڪيئن گذريون؟ سڄي عمر عيش ۽ عشرت ۾ گذارڻ کان پوءِ آخري وقت پنهنجي عيش عشرت جو نتيجو انهن ڪهڙو ڪڍيو؟ ان طرف اسان جي توجهه نه ٿي وڃي. جيڪڏهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami