Share this link via
Personality Websites!
گفتگو جي دوران ئي هنن مون کي مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي پڻ ان جا فائدا به ٻڌايا. مون ها ڪري ڇڏي ۽ مدرسة المدينه بالغان ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ان جي برڪت سان ديني ماحول سان وابسته ٿي نماز جو پابند بڻجي ويس. پر اڃان تائين پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سنت، عمامي شريف ٻڌڻ جو ذهن نه ٺهيو هو. آخرڪار هڪ اسلامي ڀاءُ جي سمجهائڻ تي مون عمامو شريف به سجائي ورتو، عمامو شريف سجائڻ تي سڄي گهر ۾ ڪو به منهنجي حوصلا افزائي ڪرڻ وارو نه هو. هڪ رات سفيد لباس پهريل عمامي سجايل بزرگ جي خواب ۾ زيارت ٿي. مان نه پيو سڃاڻان ته هي ڪير آهن. خواب ۾ ئي ڪنهن ٻڌايو ته هي اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ آهن، پاڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان منهنجي مٿي تي عمامو سجايائون. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ان کان پوءِ منهنجي دل ۾ پير و مرشد جي محبت اڃان وڌيڪ وَڌِي وئي. ديني ماحول جي برڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ذريعي دينِ اسلام جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهيان.
یہاں سنّتیں سیکھنے کو ملیں گی دِلائے گا خوفِ خدا دینی ماحول
تُو آ بے نَمازی، ہے دیتا نمازی خدا کے کرم سے بنا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪ عملن ۾ واڌاري لاءِ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپليڪيشن نيڪ اعمال (Naik a mal) جي نالي سان جاري ڪئي آهي. هي ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو. هن ايپليڪيشن ۾: اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن ۽ شاگردن لاءِ الڳ الڳ رسالا موجود آهن * هن ايپليڪيشن کي 6 مختلف زبانن * انگريزي * اردو * هندي * بنگالي * گجراتي ۽ * سنڌي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami