Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ ۽ الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان قابِلِ رشڪ موت ماڻڻ جي عَزْم (ارادي) سان گڏ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول جا ڪيئي واقعا آهن ته کين قابِلِ رشڪ موت نصيب ٿي *ڪيترن ئي عاشقانِ رسول جون قبرون سالن کان پوءِ کليون ته اتي خوشبوئون مهڪي رهيون هيون* هڪ قاري صاحب سجدي جي حالت ۾ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو * ڪيترا ئي اهڙا آهن جن کي آخري وقت ڪلمو نصيب ٿيو * هڪ اسلامي ڀاءُ کي دل جو دورو (هارٽ اٽيڪ) پيو، هسپتال ۾ داخل هئا، ان حالت ۾ به لڳاتار ڪلمي طيبه جو ورد ڪندا رهيا، آخري وقت وڏي آواز سان 12 ڀيرا درود شريف پڙهيو، 12 ڀيرا ڪلمي طيبه جو ورد ڪيو ۽ دنيا مان رخصت ٿي ويا * ائين ئي مفتيِ دعوتِ اسلامي مفتي فاروق عطاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي قبر برساتن جي ڪري کلي پئي، شرعي رھنمائي وٺي قبر جي اندر جو مَنْظَر ڏٺو ويو ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مفتي صاحب جو ڪفن، ايستائين جو مٿي مبارڪ تي ٻڌل عِمَامو شريف به بالڪل صحيح سلامت هيو.
|
تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول |
نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول |
|
قیامت تلک یاالٰہی! سلامت |
رہے تیرے عطارؔ کا دینی ماحول([1]) |
پيارا اسلامي ڀائرو! توهان به عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ڪهڙي خبر ته اسان تي به ڪرم ٿي وڃي ۽ اسان کي به قابِلِ رشڪ موت نصيب ٿي وڃي.
خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا پڑھوں کلمہ جب نکلے دَمْ یااِلٰہی! ([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami