Share this link via
Personality Websites!
رهيا آهيون، ان کان ڇو نه ٿا شرمايون؟ هُو ته هر لڪيل ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي، دلين جي حالتن کان به واقف آهي، تنهنڪري گهرجي ته ان ربَّ ڪريم کان شرمايون.
ان حوالي سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ تمام پياري نصيحت ٻڌو. فرمايائون: وَاسْتَحِ اللَّهَ اِسْتِحْيَاءَ رَجُلٍ ذِي هَيْبَةٍ مِنْ أَهْلِكَ يعني الله پاڪ کان اهڙي طرح حياءُ ڪريو، جيئن پنهنجي خاندان جي ڪنهن رعبدار شخص کان حياءُ ڪندا آهيو. ([1])
ائين ٿيندو آهي نه جو ماڻهو غلط ڪم ڪري رهيو هجي ۽ اوچتو مٿان والد صاحب اچي وڃن يا مسجد جا امام صاحب اچي وڃن، ته ماڻهو يڪدم پاڻ کي لڪائڻ لڳندو آهي، غلط ڪم جلدي ۾ ڇڏي ڏيندو آهي. مثال طور: موبائل تي ڪا گندي شيءِ ڏسي رهيا هيؤ، مٿان والد صاحب اچي ويا ته ماڻهو جلدي ۾ موبائل بند ڪري ڇڏيندو آهي، ان کي هيڏانهن هوڏانهن لڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هي سندس حياءُ آهي. فرمايائون: جيترو حياءُ انهن ماڻهن کان ڪندا آهيو، گهٽ ۾ گهٽ ايترو ئي حياءُ الله پاڪ کان به ڪندا ڪريو....!!
ڪاش! اسان کي به اهڙو خوبصورت حياءُ نصيب ٿي وڃي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا سان گڏ آخرت به سنورجي ويندي.
الله پاڪ اسان کي سموري زندگي، خاص طور زندگيءَ جون آخري گهڙيون، سٺيون ۽ نيڪين ڀريون گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami