Share this link via
Personality Websites!
يُوَفِّقُهُ لِعَمَلٍ صَالحٍ قَبْلَ الْمَوْتِ
ان کي موت کان اڳ نيڪ ڪمَ ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائيندو آهي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو!هڪ ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي فرمايو:
اَكُلُّكُمْ يُحِبُّ أَنْ يَدْخُلَ الْجَنَّةَ ؟
ڇا توهان سڀ جنت ۾ وڃڻ چاهيو ٿا؟
عرض ڪيائون: جي ها، يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان جنت ۾ وڃڻ چاهيون ٿا. فرمايائون: (ته پوءِ هي صفتون اختيار ڪريو!)
قَصِّرُوا الْاَمَلَ، وَاَثْبِتُوا آجَالَكُمْ بَيْنَ اَبْصَارِكُمْ، وَاسْتَحْيُوا مِنَ اللَّهِ حَقَّ حَيَائِهِ
(1): پنهنجون اميدون گهٽ ڪريو (يعني تمام ڊگها ڊگها منصوبا نه ٺاهيو) (2): پنهنجي موت کي هميشه نظرن جي سامهون رکو. (3): ۽ الله پاڪ کان اهڙي طرح حياءُ ڪندا رهو، جهڙو حياءُ ڪرڻ جو حق آهي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، آخرت جي تياري ڪرڻ، موت کان بعد واري زندگي بهتر ڪرڻ ۽ جنت جو حقدار بڻجڻ جا هي ٽي نسخا آهن:
پهريون نسخو: پنهنجون اميدون گهٽ ڪري ڇڏيو. يعني تمام ڊگها ڊگها منصوبا نه ٺاهيو. سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ پَرينهَن ڇا ٿيندو؟ پوڙهائپ ڪيئن گذرندي؟ ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ وغير وغيره. اِهي فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اِنهن فڪرن ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. ٿيندو اُهو ئي، جيڪو الله پاڪ چاهيندو. تنهنڪري پنهنجي اڄ کي بهتر ڪريو. حضرت عون بن عبدالله رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ سوال ٿيو: مؤمن ٻانهي جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائدي وارو ڏينهن ڪهڙو هوندو آهي؟ فرمايائون: جنهن ڏينهن، ٻانهو الله پاڪ جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami