Share this link via
Personality Websites!
ڊِڄو ...!! موٽڻ واري ڏينهن کان
سيپارو: 3، سورهءِ بقرة، آيت: 281 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ اتَّقُوْا یَوْمًا تُرْجَعُوْنَ فِیْهِ اِلَى اللّٰهِۗ- ٭۟
(سيپارو: 3، سورة بقرة: 281)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ توهان الله جي طرف موٽايا ويندؤ.
هڪ قول مطابق هن آيت سڳوري جو مطلب آهي: اي ايمان وارؤ! دڄو ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن توهان هن دنيا کي ڇڏي آخرت جي سفر تي روانا ٿي ويندؤ. ([1])
ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دن قبر میں ہو گا ٹھکانا ایک دن
منہ خدا کو ہے دِکھانا ایک دن اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دن
ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته پنهنجين انهن آخري گهَڙيُن کي هميشه پنهنجي نظر ۾ رکون.
ڏسو! صرف ٻه ئي صورتون آهن، انهن مان هڪ اسان کي پنهنجي لاءِ چونڊڻي آهي. فيصلو اسان جو آهي. مان ٻئي منظر اوهان جي سامهون پيش ڪري رهيو آهيان.
حضرت ابوهريره رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: سڪرات جي وقت ماڻهو وٽِ فرشتا ايندا آهن. جيڪڏهن اهو شخص نيڪ هوندو آهي ته فرشتا چوندا آهن: اي پاڪ روح!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami