Share this link via
Personality Websites!
عيش ۽ عشرت جي انتها آهي، هي توهان جي زندگيءَ جي سفر جي انتها آهي ۽ افسوس! ڪيڏي نه دردناڪ انتها آهي.
پوءِ غور ڪريو ته! هي سڪرات جو وقت آهي، هتان کان آخرت جي سفر جي شروعات ٿي رهي آهي. هاءِ! جنهن سفر جي شروعات ايتري دردناڪ آهي! روح نڪرڻ جو هڪ جهٽڪو تلوار جي هزار ضَربُن کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. ([1]) روح جو بدن مان نڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪنڊيدار ٽاري ڪپهه جي ڍير ۾ وجهي زور سان جهٽڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي وڃي.([2]) الله! الله! غور ڪريو، جنهن سفر جي شروعات ئي ايتري دردناڪ آهي، ان سفر جي آخري منزل، يعني حشر جو ميدان، پوءِ وري پُلصراط تان گذرڻ، ڪيڏو نه دردناڪ هوندو.
اسان توڙي هزارين سالن جي زندگي گذاريون، پر اسان جي سڄي زندگيءَ جو نچوڙ اسان جي آخري گهڙين ۾ هوندو. حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالْخَوَاتِيمِ يعني عملن جو دارومدار خاتمي تي آهي. ([3])
مان ۽ توهان پنهنجي زندگيءَ جو آخري لمحو هن دنيا ۾ ڪيئن ٿا گذاريون، اُهو لمحو فيصلو ڪندو ته اسان ڪامياب ٿياسين يا ناڪام رهياسين. پر افسوس! اسان کي خبر ناهي ته اسان جو اُهو آخري لمحو ڪڏهن ايندو، ڪڏهن اسان هن دنيا مان رخصت ٿينداسين. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي سموري زندگي ئي نيڪ اعمال ڪندي گذاريون.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami