Share this link via
Personality Websites!
الله اڪبر! ڪيڏو نه زبردست مثال آهي! هيءَ دنيا هڪ ڌاڳي تي بيٺل آهي. هڪ معمولي جهَٽڪو اِن ڌاڳي کي ٽوڙي ڇڏيندو ۽ اسان قبر جي اونداهين ۾ پهچي وينداسين. ڪنهن شاعر ڏاڍي خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي ته:
اِک یہ جہاں، اِک وہ جہاں، دونوں جہاں کے درمیاں
ہے فاصلہ اک سانس کا، گر آگئی تو یہ جہاں، گر رُک گئی تو وہ جہاں
هي صرف هڪ تَندُ ئي ته آهي، مختصر تند، ڪمزور تند...!! ڪجهه منٽ آڪسيجن نه ملي ته ساهه ٻوساٽجڻ لڳندو آهي، ساهه اٽڪي پوندو آهي، دَم گهُٽجڻ لڳندو آهي. بس هن ساههَ جِي تَندُ جي ٽٽڻ جي دير آهي، ماڻهو دنيا مان موڪلائي ويندو آهي دنيا جي اها ئي حقيقت آهي.
پنهنجا آخري لمحا، سنواري وٺو...!!
پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالهه امير يا غريب هجڻ جي نه آهي. امير هجڻ ۾ به ڪا برائي نه آهي ۽ غريب هجڻ ته فضيلت جي ڳالهه آهي، حديثن ۾ غريبن جون فضيلتون بيان ٿيون آهن. اصل ڳالهه آخري گهَڙيُن جي آهي*افسوس! اُهو وقت، جنهن وقت هيءَ سڄي دنيا پنهنجي سموري حسن ۽ جمال سان گڏ اسان لاءِ هڪ کوٽي سڪي جي برابر به نه رهندي * جڏهن اسان جي اکين مان اسان جي بي وسي ظاهر ٿي رهي هوندي، گاڏي گيراج ۾ بيٺي آهي، پر اسان جي ڪنهن ڪم جي نه رهندي *بئنڪ ۾ لکين رپيا پيا آهن، پر اسان جي ڪنهن ڪم جا نه آهن * پُٽَ، ڌيئرون، سامهون بيٺا آهن، رشتيدا موجود آهن* ڊاڪٽر پنهنجين سموري ڪوشش ۾ مصروف آهن، پر افسوس! هاڻي ڪير ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي * اُن مَهل اسان جا پيارا، اسان جا ناز کڻڻ وارا به چئي رهيا هوندا آهن: سورة يٰس شريف پڙهو، ساههُ آسانيءَ سان نڪري ويندو.
*افسوس! ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پهچي چڪا آهن* اکيون ڇت ۾ لڳل آهن * ساهه نِڙِيءَ ۾ اٽڪيل آهي * هڪ جهٽڪو آيو، آخري هِڏڪي آئي * هڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami