Share this link via
Personality Websites!
قبر میں تیرا کفن پھٹ جائے گا یاد رکھ نازُک بدن پھٹ جائے گا
کر لے توبہ ربّ کی رحمت ہے بڑی قبر میں ورنہ سزا ہوگی کڑی([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي نتيجو آهي ...!! دنيا جي طلبگارن دنيا حاصل ڪئي، ان ۾ رهيا، عيش عشرت ڪيائون، پر آخري وقت ۾ ان جو نتيجو ڪهڙو ڪڍيائون: ڪاش! اسان ائين نه ڪيون ها، ڪاش! اسان کي دنيا نه ملي ها، ڪاش! اسان حبشي غلام هجون ها، ٻڪريون چاريندا هجون ها.
هي آهي سندن زندگيءَ جو حاصل نتيجو. اسان بازار ويندا آهيون ته ڇا خريد ڪندا آهيون: ڪنهن جي محنت جو نتيجو خريد ڪندا آهيون، مثال طور: مٺائيءَ جي دڪان تي وياسين مٺائي وٺي آياسين. ائين ته نه ٿيندو آهي نه جو بازار مان ميدو، گيهه ۽ کنڊ خريد ڪري آياسين ۽ هاڻي مٺائي ٺاهينداسين، ڪنهن محنت ڪئي، مٺائي تيار ڪئي، هاڻي ان محنت جو نتيجو جيڪو مٺائيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي، اُهو اسان خريد ڪندا آهيون. ته هنن دنيا ۾ گُم ماڻهن جي زندگي ڪيئن گذري، هِي انهن جا تجربا هئا ۽ انهن تجربن جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟ جيڪڏهن ان نتيجي ڏانهن نظر ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته هيءَ دنيا بي وفا آهي.
دنيا جو مثال ڦاٽل ڪپڙي جهڙو آهي
آخري نبي، رسولِ هاشمي، صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَثَلُ هٰذِهِ الدُّنْيَا مَثَلُ ثَوْبٍ شُقَّ مِنْ أَوَّلِهِ اِلٰى آخِرِهِ يعني هن دنيا جو مثال هڪ اهڙي ڪپڙي جهڙو آهي، جيڪو شروع کان آخر تائين ڦاٽل آهي. فَبَقِيَ مُتَعَلِّقًا بِخَيْطٍ فِي آخِرِهٖ فَيُوشِكُ ذٰلِكَ الْخَيْطُ أَنْ يَنْقَطِعَ يعني اهو فقط آخر ۾ هڪ ڌاڳي سان اٽڪيل آهي ۽ قريب آهي ته اُهو ڌاڳو به ٽٽي وڃي.([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami