Share this link via
Personality Websites!
وضاحت: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ! جيڪڏهن اوهان جي محبت، اوهان جو شوق، اوهان جو عشق دل ۾ نه هوندو ته نماز جون حقيقي برڪتون ظاهر نه ٿينديون. ان وقت تائين قيام به هڪ پردو رهندو ۽ سجدو به غفلت وارو هوندو.
اي عاشقانِ رسول! هيءَ غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي، اسان الحمد لله! نماز پڙهون ٿا، هر ڪو پنھنجو پاڻ تي غور ڪري؛ * ڇا نماز پڙهي اسان جي دل ۾ عشقِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ وڌندو آهي؟ * ڇا نماز پڙهڻ سان اسان جي دل ۾ عظمتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ ۾ اضافو ٿئي پيو؟ * ڇا نماز پڙهڻ سان اسان جي دل ۾ نعت ۽ اوصافِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ ٻڌڻ جو شوق اڀري پيو؟ جيڪڏهن هي شوق، هي عشق، هيءَ محبت نصيب ٿي رهي آهي ته اسان جي نماز اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت ۾ اسان جي نجات جو ذريعو بڻجي ويندي. پر جيڪڏهن صورتحال اهڙي آهي ته نمازون ته پڙهون ٿا پر مَعَاذَ اللہ! دل ۾ جيڪو عشقِ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ هو، اهو به گهٽجي رهيو آهي، ته پوءِ اسان کي پنهنجي نمازن جو فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تیرا امام بے حُضور، تیری نماز بے سُرور ایسی نماز سے گُزر، ایسے اِمام سے گُزر
وضاحت: يعني اهو امام جيڪو نماز ته پڙهائي ٿو پر عاشقِ رسول ناهي، الله ۽ رسول جي محبت سان سرشار ناهي، ۽ اهڙي نماز جنهن ۾ عشق ۽ محبت جو سرور ناهي، اهڙي نماز کان اڳتي وڌ، اهڙي جي پويان نماز پڙهو جيڪو الله ۽ رسول جي محبت سان سرشار
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami