Share this link via
Personality Websites!
وَ لَا تَلْبِسُوا الْحَقَّ بِالْبَاطِلِ وَ تَكْتُمُوا الْحَقَّ وَ اَنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ(۴۲) (پارو:1، البقرة:42)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ حق کي باطل سان نه ملايو ۽ ڄاڻي واڻي حق کي نه لڪايو.
يعني اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جون اهي نعتون، اهي اوصاف ۽ ڪمالَ جيڪي اسان تورات شريف ۾ ذڪر فرمايا آهن، اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جي انهن نعتن کي نه لڪايو! انهن نعتن ۾ پنهنجي طرفان غلط ڳالهيون شامل نه ڪريو! بلڪه اسان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جون نعتون وڏي جوش ۽ جزبي سان ماڻهن جي سامهون بيان ڪري ڇڏيو! ([1])
هتي اچي بني اسرائيل کي مشڪل پيش اچي ٿي، ڄڻ ته اهي چون ٿا: جيڪڏهن اسان نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ بيان ڪيون ته اسان جون سرداريون هليون وينديون، اسان جا عهدا ختم ٿي ويندا، اسان جا نذرانا بند ٿي ويندا، تنهنڪري اسان جي همت نٿي ٿئي، اسان نعتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جيڪا تورات ۾ ذڪر ڪئي وئي آهي، ان جو چرچو ڪيئن ڪيون؟ هي ته تمام ڏکيو ڪم آهي...!
هي هئي مشڪل...!! الله پاڪ کين ان مشڪل جو حل ڏنو، فرمايو:
وَ اسْتَعِیْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِؕ-
ترجموڪنزالعرفان: ۽ صبر ۽ نماز کان مدد گهرو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami