Share this link via
Personality Websites!
بيماري جنهن مان شفا گهري پئي وڃي، اها 'مستعان عليہ' آهي. ۽ ان شخص مدد لاءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو، اها دعا مُسْتَعَانٌ بِہٖ آهي.
هاڻي آيتِ سڳوري ٻڌو! الله پاڪ فرمايو:
وَ اسْتَعِیْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِؕ-
ترجمو ڪنزالعرفان؛ ۽ صبر ۽ نماز کان مدد حاصل ڪيو.
يعني اي بني اسرائيل! مدد چاهيو! صبر جي ذريعي ۽ نماز جي ذريعي.
هاڻي هتي مدد گهرڻ وارا آهن: بني اسرائيل. جنهن کان مدد گهري ويندي، اهو آهي: الله پاڪ. مدد گهرڻ جو ذريعو آهي: صبر ۽ نماز. پر اها مشڪل، اها پريشاني، اها ضرورت ڪهڙي آهي جنهن تي مدد گهرڻي آهي؟
هن ڳالهه کي ٿورو توجهه سان سمجهجو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ايمان تازو ٿيندو. الله پاڪ بني اسرائيل کي فرمايو: صبر ۽ نماز ذريعي مدد گهرو! مدد ڪهڙي ڳالهه تي گهرڻي آهي؟ ان کي سمجهڻو آهي. ٿورو هن آيت کان اڳ واريون آيتون ٻڌو! بني اسرائيل سان اها ڳالھ ٿي رهي هئي ته: اي بني اسرائيل! الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ تشريف کڻي آيا آهن، ان تي ايمان آڻيو! ان جو ڪلمو پڙهو! انهن جي دامنِ ڪرم سان چنبڙي وڃو! ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami