Share this link via
Personality Websites!
ڪهڙي طرح گهرڻي آهي؟ ارشاد فرمايو:
بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِؕ-
ترجمو: صبر ۽ نماز سان. (پارو:1، البقرة:45)
يعني اي بني اسرائيل! توهان مدد گهرو! ۽ ان مدد گهرڻ جا 2 طريقا آهن: (1): صبر (2): نماز. يعني انهن ٻن طريقن سان مدد گهرو...!![1]
وڌيڪ فرمايو:
وَ اِنَّهَا لَكَبِیْرَةٌ اِلَّا عَلَى الْخٰشِعِیْنَۙ(۴۵)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ نماز ضرور ڳري آهي پر انهن تي جيڪي دل سان منهنجي طرف جهڪن ٿا. (پارو:1، البقرة:45)
يعني نماز پڙهڻ، ان ذريعي مدد گهرڻ، آهي ته تمام ڏکيو ڪم...!! هي آسان صرف ان جي لاءِ هوندو آهي، جنهن جي دل الله پاڪ جي محبت ۽ ان جي خوف سان ڀريل هوندي آهي. تنهنڪري پنهنجي دل ۾ الله پاڪ جي محبت به وڌايو! ان جو خوف به پيدا ڪيو! پوءِ نماز ۽ صبر جي ذريعي الله پاڪ کان مدد گهرو...!!
صبر سے اور نمازوں سے چاہو مدد پُوری کروائے ہر ایک حاجت نماز
خُوب نفلوں کے سجدوں میں مانگو دُعا پُوری کروائے گی ربّ سے حاجَت نماز
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami