Share this link via
Personality Websites!
تحريمي، ناجائز ۽ گناهه آهي.
وضاحت: اسان جي معاشري ۾ هيءَ تمام عام غلطي آهي * عام طور تي ماڻهو نماز شروع ڪرڻ کان پهريان شلوار کي نيفي کان پڪڙي موڙي (Fold) وٺندا آهن * جيڪي پينٽ پائيندڙ آهن، اهي پينٽ جا پائينچا موڙي ڇڏيندا آهن * ائين ئي ڪڏهن وضو دوران ٻانهون مٿي چاڙهيندا آهن ته انهن کي ٻيهر هيٺ ڪرڻ کانسواءِ ئي ائين ئي نماز شروع ڪري وٺندا آهن، هي سڀ صورتون ”ڪَفِ ثوب“ (يعني ڪپڙو سميٽڻ) ۾ اچن ٿيون.
حديثِ پاڪ ۾ ان کان منع ڪئي وئي آهي، بخاري شريف ۾ آهي: ”وَلَا نَکُفُّ ثَوْبًا“ يعني اسان کي حڪم ڏنو ويو ته اسان ڪپڙو نه سميٽيون. ياد رکو! نماز ۾ ڪفِ ثوب مڪروهه تحريمي، ناجائز ۽ گناهه آهي، اهڙي طرح پڙهيل نماز مڪروهه تحريمي ۽ واجب الاعاده هوندي، اهڙي طرح پڙهيل نماز کي ٻيهر پڙهڻ واجب آهي. ([1])
نوٽ: ڀيڏيون ظاهر ڪرڻ سنت آهي([2])، پر هيءَ سنت نماز جي ناهي بلڪه لباس جي آهي. اهڙي طرح نماز پڙهڻ جو ڀيڏيون ڍڪيل هجن، مڪروهه تنزيهي آهي، يعني اهڙي طرح نماز پڙهڻ ۾ گناهه ناهي، نماز ٿي ويندي، پر ائين ڪرڻ برو آهي. اسان کي کپي ته ڀيڏيون ظاهر رکڻ جي سنت تي عمل ڪرڻ لاءِ شلوار ننڍي سبيرايون ته جيئن ڪپڙو موڙڻ جي نوبت ئي نه اچي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami