Share this link via
Personality Websites!
قَالَ اللہُ تَبَارَکَ وَ تَعَالٰی فِی الْقُرْآنِ الْکَرِیْم (الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ اسْتَعِیْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِؕ-وَ اِنَّهَا لَكَبِیْرَةٌ اِلَّا عَلَى الْخٰشِعِیْنَۙ(۴۵)(سيپارو: 1، البقرة: 41)
صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ صبر ۽ نماز کان مدد حاصل ڪريو ۽ بيشڪ نماز ضرور ڳوري آهي پر انهن تي جيڪي دل سان مون ڏانهن جھڪن ٿا.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پهرئين سيپاري ، سورت البقره جي آيت 45 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هيءَ تمام ايمان افروز آيتِ سڳوري آهي. بنيادي طور تي هن ۾ اِستعانت (يعني مدد گهرڻ) جو مسئلو بيان ڪيو ويو آهي. اچو! پهريان آيتِ سڳوري ترجمي سان گڏ ٻڌون ٿا، پوءِ ان جي وضاحت ۽ ان مان ملندڙ سبق سکنداسين. الله پاڪ فرمايو:
وَ اسْتَعِیْنُوْا
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ مدد حاصل ڪريو. (پارو:1، البقرة:45)
هتي به ڪلام جو رخ بني اسرائيل ڏانهن آهي، کين حڪم ٿيو: استعانت ڪيو! يعني مدد گهرو...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami