Share this link via
Personality Websites!
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هي ڪيڏا نه سبق آموز واقعا آهن. انهن مان اسان کي هي درس ملي ٿو ته قرآنِ ڪريم اسان کي جيڪو نسخو عطا فرمايو آهي، يعني ارشاد ٿيو:
وَ اسْتَعِیْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِؕ- (پاره:1، البقرة: 45)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ صبر ۽ نماز کان مدد حاصل ڪريو.
هن نسخي ۾ وڏي طاقت آهي، ڪهڙي به مشڪل هجي، ڪهڙي به پريشاني هجي، هن نسخي تي عمل ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فائدو نصيب ٿيندو.
نماز ۾ شفا آهي ۽ هي به ياد رکو! ته نماز رڳو روحاني مرضن مان ئي شفا نه ٿي ڏئي، پر ڪا به بيماري اچي وڃي جيئن اڄڪلهه ڪيتريون ئي نيون نيون ۽ خطرناڪ بيماريون اچي رهيون آهن، ڪنهن کي ڪينسر آهي، ڪنهن کي هيپاٽائيٽس آهي، ڪو ويچارو شگر جو مريض آهي، ڪنهن جو ڪوليسٽرول وڌيل آهي مطلب ته ڪهڙي به بيماري هجي، ان جو ڊاڪٽر کان علاج به ضرور ڪرايو! پر ان سان گڏوگڏ نماز ذريعي مدد گهرڻ هرگز نه وساريو! الحمد لله! نماز باطني بيمارين کان به نجات ڏياري ٿي ۽ جسماني مرضن کان شفا جو ذريعو پڻ آهي.
حضرت ابوهريره رضي الله عنه بيان فرمائي ٿو ته هڪ ڀيرو مان نماز پڙهي سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جن جي ويجهو ويهي رهيس، پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا تنهنجي پيٽ ۾ سور آهي؟ مون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami