Share this link via
Personality Websites!
ڪيو. مون سواري ۽ رستي جو خرچ ڏئي کيس سوار ڪيو. هن مون کي دعا ڏني: الله پاڪ پنهنجي پسنديده دين تي تنهنجو خاتمو فرمائي. ان جو هي جملو اڃا مڪمل نه ٿيو هو ته منهنجي دل ۾ دينِ اسلام جي محبت گهر ڪري وئي. پوءِ مون پنهنجا ڏهه غلام ساڻس گڏ موڪليا ۽ کين حڪم ڏنو ته کيس نهايت احترام سان وٺي وڃو. کيس هڪ مس ۽ ڪاغذ ڏنو ۽ هڪ نشاني مقرر ڪئي ته جڏهن هو خيريت سان پنهنجي شهر پهچي وڃي ته اها نشاني لکي مون ڏانهن موڪلي.
اسان جي ۽ سندس شهر جي وچ ۾ پنجن ڏينهن جو مفاصلو هو. جڏهن ڇهون ڏينهن آيو ته منهنجا خادم مون وٽ واپس آيا، انهن وٽ خط هو جنهن ۾ ان جو خط ۽ اها نشاني موجود هئي. مون پنهنجي غلامن کان جلدي پهچڻ جو سبب پڇيو ته هنن ٻڌايو ته جڏهن اسان ساڻس گڏ هتان نڪتاسين ته اسان ڪنهن به ٿڪاوٽ ۽ مشقت کان سواءِ تمام گهٽ وقت ۾ اتي پهچي وياسين، پر واپسيءَ تي اهو ئي سفر اسان پنجن ڏينهن ۾ طئي ڪيو. سندن هيءَ ڳالهه ٻڌندي ئي مون ڪلمو پڙهيو: اَشْھَدُ اَنْ لَّا ٓ اِلٰـہَ اِلَّا اللہُ وَاَشْھَدُ اَنَّ مُحَمَّدًارَّسُوْلُ اللہ ِوَاَ نَّ دِیْنَ الْاِسْلَامِ حَقٌّ. (ترجمو: مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪو به معبود ناهي ۽ مان شاهدي ڏيان ٿو ته بيشڪ حضرت محمد (مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ) الله پاڪ جا رسول آهن ۽ بيشڪ دينِ اسلام حق آهي.) پوءِ مان روم مان نڪري مسلمانن جي شهر ۾ اچي ويس. ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami