Share this link via
Personality Websites!
کي نماز پڙهڻ ڏي ته مان توکي هڪ دينار ڏيندس. مون چيو: مان ٻن دينارن کان گهٽ نه وٺندس. هن چيو: ٺيڪ آهي. مون کيس کولي ڇڏيو، هن نماز پڙهي. جڏهن فارغ ٿيو ته مون ڏٺو ته هن پنهنجو هٿ زمين تي هنيو ۽ اتان کان نوان ٻه دينار ڪڍي مون کي ڏئي ڇڏيا. جڏهن عصر جو وقت ٿيو ته هن مون کي پهرين وانگر اشارو ڪيو. مون کيس اشارو ڪيو ته مان پنجن دينارن کان گهٽ نه وٺندس. نماز جو اهو عاشق مڃي ويو. وري جڏهن مغرب جو وقت ٿيو ته حسبِ معمول مون کي اشارو ڪيائين، مون چيو: مان ڏهن دينارن کان گهٽ نه وٺندس. هن منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. جڏهن نماز کان فارغ ٿيو ته زمين مان ڏهه دينار ڪڍي مون کي ڏنائين. پوءِ جڏهن عشاء جي نماز جو وقت ٿيو ته عادت مطابق هن مون کي اشارو ڪيو، مون چيو: مان ويهن دينارن کان گهٽ نه وٺندس. تڏهن به هن منهنجي ڳالهه تسليم ڪئي ۽ نماز کان فارغ ٿي زمين مان ويهه دينار ڪڍيا ۽ مون کي ڏئي چوڻ لڳو: جيڪو گهرڻو اٿئي گهر! منهنجو مالڪ وڏو غني ۽ ڪريم آهي، مان ان کان جيڪو گهرندس هو عطا ڪندو.
ان جو هي معاملو ڏسي مون کي يقين ٿي ويو ته هي الله پاڪ جو مقرب ٻانهو ۽ ولي آهي، مون تي ان جو رعب طاري ٿي ويو ۽ مون کيس زنجيرن کان آزاد ڪري ڇڏيو ۽ اها رات مون روئي گذاري. جڏهن صبح ٿيو ته مون کيس گهرائي سندس تعظيم ۽ تڪريم ڪئي، کيس پنهنجو پسنديده نئون لباس پارايو ۽ کيس اختيار ڏنو ته هو چاهي ته اسان جي شهر ۾ عزت واري مڪان يا محل ۾ رهي ۽ چاهي ته پنهنجي شهر هليو وڃي. هن پنهنجي شهر وڃڻ پسند
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami