Share this link via
Personality Websites!
زمين مان دينار ڪڍندڙ نمازي (واقعو)
حضرت ابوبڪر بن فضل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائي ٿو ته مون جڏهن اصرار ڪري پنهنجي هڪ رومي دوست کان اسلام آڻڻ جو سبب پڇيو ته هن بيان ڪيو: اسان جي ملڪ تي مسلمانن جي لشڪر حملو ڪيو، جنگ لڳي، ڪجهه اسان جا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجهه انهن جا. مون اڪيلي ڏهن (10) مسلمانن کي قيدي بڻائي ورتو. ملڪِ روم ۾ منهنجو هڪ تمام وڏو گهر هو، مون انهن سڀني کي پنهنجي خادمن جي حوالي ڪري ڇڏيو. انهن کين زنجيرن ۾ جڪڙي، خچرن تي سامان سٿڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيو.
هڪ ڏينهن مون انهن قيدين تي مقرر هڪ خادم کي ڏٺو ته هن هڪ قيدي کان ڪجهه ورتو ۽ اُن کي نماز پڙهڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنائين. مون ان خادم کي پڪڙي ماريو ۽ پڇيو: ٻڌاءِ! تو هن قيدي کان ڇا ٿو وٺين؟ تنهن تي هن ٻڌايو: هي هر نماز جي وقت مون کي هڪ دينار (يعني سون جو سڪو) ڏيندو آهي. مون پڇيو: ڇا وٽس دينار آهن؟ ته هن چيو: نه، پر جڏهن هي نماز کان فارغ ٿيندو آهي ته پنهنجو هٿ زمين تي هڻندو آهي ۽ زمين مان هڪ دينار نڪري ايندو آهي جيڪو هي مون کي ڏئي ڇڏيندو آهي! (خادم جي ڳالهه ٻڌي) مون کي شوق ٿيو ته مان هن معاملي جي حقيقت معلوم ڪريان. تنهنڪري جڏهن ٻيو ڏينهن ٿيو ته مان ان خادم جي وردي پائي ان جي جاءِ تي بيهي رهيس.
جڏهن ظهر جو وقت ٿيو ته ان قيدي مون کي اشارو ڪيو ته مون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami