Share this link via
Personality Websites!
آسمان ۾ ڪڪر ڇائنجي ويا ۽ تيز برسات پئي. حضرت انس بن مالڪ رَضِیَ اللہُ عَنْہُ مالهيءَ کي حڪم ڏنو: ”گهوڙي تي سوار ٿي ڏس ته برسات ڪيستائين پهتي آهي؟“ هن چئني طرفن کان ڏسي اچي ٻڌايو ته هيءَ برسات فلاڻن محلن کان اڳتي نه وڌي آهي. ([1])
حضرت عقبه بن نافع فهري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو لشڪر آفريقا جي جهادن ۾ هڪ دفعي اهڙي مقام تي پهتو جتي پاڻي جو نالو نشان نه هو، لشڪر اڃ جي شدت کان پريشان ٿي ويو. حضرت عقبه بن نافع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 2 رڪعت نماز پڙهي دعا لاءِ هٿ کنيا، اڃا دعا ختم نه ٿي هئي ته سندن گهوڙو پنهنجي سنب (کُر) سان زمين کوٽڻ لڳو. پاڻ ڏٺائون ته مٽي هٽي وئي هئي ۽ هڪ پٿر نظر پئي آيو. جيئن ئي پٿر هٽايائون، ان جي هيٺان چشمو ڦٽي/اٿلي پيو ۽ ايترو پاڻي نڪتو جو سڄو لشڪر سيراب ٿي ويو، سڀني جانورن به ڍؤ ڪري پاڻي پيتو ۽ لشڪر وارن پنهنجا ٿانوَ پڻ ڀري ورتا، تنهن کان پوءِ ان چشمي کي وهندو ڇڏي لشڪر اڳتي روانو ٿي ويو۔ ([2])
قَطعۂ بے آب ہو، بے چین ہو بے تاب ہو
پیاس کی ہو دُور شدّت، تم پڑھو دِل سے نماز
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami