Share this link via
Personality Websites!
جي آخري نبي، مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جي گهر ۾ جڏهن فاقو هوندو هو ۽ بک غالب ٿيندي هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ مسجد ۾ تشريف آڻي نماز ۾ مشغول ٿي ويندا هئا. ([1])
اسان کي نماز ذريعي راحت پهچايو!
اي عاشقانِ رسول! جڏهن ڪا مصيبت اچي وڃي يا ڪو نازڪ معاملو درپيش هجي ته فوراً نماز جو سهارو وٺڻ گهرجي. اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ اهم معاملي تي نماز ۾ مشغول ٿي ويندا هئا ([2]) ڇو ته نماز تمام ذڪرن ۽ دعائن جو مجموعو آهي، ان جي برڪت سان رنج ۽ غم کان راحت ملندي آهي.
اها ئي وجهه آهي ته * مديني جا تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عَنْہُ کي فرمائيندا هئا: اي بلال! اسان کي نماز ذريعي راحت پهچايو (يعني اذان ڏيو ته جيئن اسان نماز پڙهي راحت حاصل ڪريون). ([3]) * حضرت عبدالله بن مسعود رَضِیَ اللہُ عَنْہُ فرمائن ٿا: جڏهن آسمان مان ڪو خوفناڪ آواز ٻڌو ته نماز ڏانهن متوجه ٿيو. ([4]) * حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللہُ عَنْہُما بابت منقول آهي ته بصره ۾ زلزلو آيو ته پاڻ نماز پڙهيائون. ([5])
[1]...تفسیر عزیزی، پارہ:1، سورۂ بقرۃ، زیر:45، جلد:1، صفحہ:438۔
[2]...ابو داؤد، کتاب الصلاۃ، باب وقت قیام النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم...الخ، صفحہ:216، حدیث:1319۔
[3]... ابو داؤد، کتاب الادب، باب فی صلاۃ العتمۃ، صفحہ:780، حدیث:4986۔
[4]...سنن الکبریٰ للبیہقی، کتاب الصلاۃ الخسوف، باب من استحب...الخ، جلد:3، صفحہ:800، حدیث:6380۔
[5]...مرقاۃ المفاتیح، کتاب الصلاۃ، باب الصلاۃ الخسوف، الفصل الثانی، جلد:3، صفحہ:541، تحت الحدیث:1491۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami