Share this link via
Personality Websites!
ڪڏهن توهان نماز ڏٺي آهي؟ نمازي ته ڏٺو هوندو، نماز نه ڏٺي هوندي. * نماز هڪ عمل جو نالو آهي. * هڪ ٻانهو الله پاڪ جي بارگاھ ۾حاضر ٿيندو آهي، * ڪڏهن قيام ڪندو آهي، * ڪڏهن رڪوع، * ڪڏهن سجدو. * الله پاڪ جو ذڪر ڪندو آهي، * ان جي پاڪائي بيان ڪندو آهي، هن عمل جو نالو نماز آهي. غور جي ڳالهه آهي ته جڏهن نماز جيڪا هڪ عمل آهي، اهو مددگار ٿي سگهي ٿو، ان مان مدد گهري سگهجي ٿي، ته پوءِ اهو ٻانهو جيڪو قيام ۾ بيٺل آهي، جيڪو رڪوع ۽ سجدا ڪري رهيو آهي، آخر اهو ٻانهو مددگار ڇو نٿو ٿي سگهي؟ ان ٻانهي کان مدد ڇو نٿي حاصل ڪري سگهجي؟
ٿورو وڌيڪ واضح ڪيان ته چئي ڇڏيو! * جڏهن نماز کان مدد گهري سگهجي ٿي ته اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَآلِہٖ وَسَلَّمَ جيڪي ڪائنات جا سڀ کان وڏا نمازي آهن، انهن کان مدد ڇو نٿي گهري سگهجي؟ * جيڪڏهن نماز مان مدد گهري سگهجي ٿي ته صحابه ڪرام جيڪي امام الانبياء جي پويان نمازون پڙهڻ وارا آهن، انهن کان مدد ڇو نٿي گهري سگهجي؟ * جيڪڏهن نماز مان مدد گهري سگهجي ٿي ته غوثِ پاڪ جن 40 سال عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا فرمائي، اهڙي باڪمال نمازي کان مدد ڇو نٿي گهري سگهجي؟
اهڙي طرح * داتا حضور، * خواجه غريب نواز، * اعليٰ حضرت، * بابا فريد، *حضرت سلطان باهو رحمهم الله جيڪي يقيني طور نمازي هئا، پڪا نمازي هئا، انهن کان مدد ڇو نٿي گهري سگهجي؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami