Share this link via
Personality Websites!
بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو مبارڪ انداز ڏسو...!! پاڻ آذان ڏيڻ، کان پوءِ صرف صلوٰة و سلام عرض نه ڪندا هئا پر دروازهءِ مصطفيٰ تي حاضر ٿي سلام پيش ڪندا ھئا.
افسوس! اڄ اسان جا اھڙا نصيب ڪٿي...؟ اسان آذان ته ڏئي سگھون ٿا پر ان کان پوءِ مصطفيٰ جي دروازي تي حاضر ٿي ڪري حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جيان سلام عرض نه ٿا ڪري سگھون، تنھنڪري سوزِ بلال جو فيض حاصل ڪرڻ، اداءِ بلال ادا ڪرڻ ۽ دل کي تسڪين ڏيڻ لاءِ پَري کان ئي پنھنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي بارگاهه ۾ صلوٰة و سلام عرض ڪري ڇڏيندا آھيون.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
جڏهن آذانِ بلال جي نَقالي ڪئي وئي
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو به ڇا ته نرالو شان آھي۔ انهن جو صرف نقل ڪرڻ سان ئي ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون نصيب ٿينديون آھن، ان جي باري ۾ روايت ٻڌو! حضرت ابو مَحۡذورہ رَضِیَ اللہُ عنہ مڪي پاڪ جا مؤذن ھئا.
يعني جيئن حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ مديني پاڪ ۾ آذان ڏيندا ھئا، تيئن ئي حضرت ابو مَحۡذورہ رَضِیَ اللہُ عنہ مڪي شريف ۾ آذان ڏيندا ھئا۔ حضرت ابو مَحۡذورہ رَضِیَ اللہُ عنہ کي اِهو شرف، اِها ذميواري ڪيئن عطا ٿي، اُهو واقعو حضرت مَحۡذورہ رَضِیَ اللہُ عنہ پاڻ بيان ڪيو آهي. ان وقت حضرت ابو محذورہ رَضِیَ اللہُ عنہ ننڍي عمر جا ھئا ۽ اڃان اسلام به قبول نه ڪيو ھئائون، تنھنڪري مسلمانن جي ادائن ۽ معمولات کي پسند نه ڪندا ھئا.
فرمائن ٿا: فتح مڪي کان پوءِ جي ڳالھ آھي، پيارا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سفر ۾ هئا، رستي ۾ ھڪ جاءِ تي نماز جو وقت ٿي ويو، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ کي آذان ڏيڻ جو حڪم ڏنو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami