Share this link via
Personality Websites!
مکہ اَحَد اَحَد کی صداؤں سے گونج اٹھا خورشیدِ انقلاب تھا تیرا بیاں بلال
بُوبکر نے خرید کے ایسے بڑھائے دام دولت اگر زمیں ہے تُو آسماں بلال
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جي شان ۾ آيتون
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ ۽ انهن جهڙا ٻيا صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم جن پهريان غلاميءَ جي زندگي گذاري هئي، سندن شان ۾ هيءَ آيت نازل ٿي: ([1])
وَ لَا تَطْرُدِ الَّذِیْنَ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ بِالْغَدٰوةِ وَ الْعَشِیِّ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗؕ- (پارو: 7، سورة انعام: 52)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن ماڻهن کي پاڻ کان پري نه ڪريو جيڪي صبح ۽ شام پنهنجي رب کي سندس رضا چاهيندي پڪارين ٿا.
ھن آيتِ ڪريمه ۾ الله پاڪ پنھنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي حڪم ڏنو ته اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم! توھان هنن اصحابن کي پنھنجي بارگاهه مان پري نه ڪريو، ھي ته اُهي نيڪ ۽ پرھيزگار شخص آھن جيڪي صبح ۽ شام الله پاڪ جي عبادت ڪندا آھن ۽ عبادت به ڪھڙي...؟ ڏيکاءَ واري نه، رياءَ واري نه، دنيا جي لالچ واري نه، پر هي عبادت ڪندا آهن ۽ یُرِیْدُوْنَ وَجْهَهٗؕ پنهنجي ان عبادت سان صرف الله جي رِضا چاهيندا آهن.
الله اَکْبَر! انھن صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم جي شان ۾ الله پاڪ وڌيڪ ارشاد فرمائي ٿو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami