Share this link via
Personality Websites!
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم: (1): جيڪو واعدو پورو نه ٿو ڪري ان جو ڪو ايمان نه آھي. ([1]) (2): جيڪو مسلمان پنھنجي ڀاءُ سان واعدي خلافي ڪري، ان تي اللہ پاڪ، ملائڪن ۽ سڀني انسانن جي لعنت آھي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! واعدو پورو ڪرڻ سنتِ مصطفيٰ، بلڪه سنتِ انبياء آھي * اسان جا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم واعدي جا تمام گهڻا پڪا ھئا ۽ واعدو ٽوڙڻ کي سخت ناپسند فرمائيندا ھئا * اعلانِ نبوت کان اڳ هڪ ڀيري هڪ شخص کين عرض ڪيو: اوهان ترسو! مان اِجهو واپس اچان ٿو، اُهو شخص هليو ويو، پر کانئس واپس اچڻ وسري ويو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس ٻيهر ياد آيو. جڏهن هُو انهيءَ جاءِ تي پهتو ته هي ڏسي حيران ٿي ويو ته پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم 3 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به اتي ئي تشريف فرما هئا ۽ مَاشَآءَ اللہ! شفقت، رحمت ۽ حسنِ اخلاق ڏسو جو پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ان کي دڙڪا نه ڏنا ۽ نه ئي ڪاوڙ جو اظهار فرمايو، بس ايترو فرمايائون ته: اي شخص! تون مون کي مشقت ۾ وجهي ڇڏيو. ([3]) الله پاڪ اسان کي به سنتِ سرڪار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم تي عمل ڪندي واعدو پورو ڪرڻ وارو بڻائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami