Share this link via
Personality Websites!
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو ذڪرِ خير ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو مختصر تعارُف
* اسان جا آقا حضرت بلال حبشي رَضِیَ اللہُ عنہ مشهور صحابيءِ رسول آهن * سندن مبارڪ نالو: بلال ۽ لقب موذنِ رَسول آهي * اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کين سَیِّدُ الْمُؤَذِّنِیْن (leader of the all Muezzins) ( تمام آذان ڏيڻ وارن جي سردار) جو خطاب ڏنو. ([1]) * حضرت بلال حبشي رَضِیَ اللہُ عنہ سابِقُ الْاِسْلام آهن، يعني پاڻ اسلام جي شروعات ۾ ئي ايمان قبول ڪري چڪا هئا * غلاميءَ کان آزادي ملڻ کان وٺي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ظاهري وصال تائين پاڻ بارگاهِه رسالت ۾ حاضر رهيا * پاڻ مُؤذِنِ رسول به آهن ۽ خازِنِ مصطفيٰ (Treasurer) (خزانچي) به آهن، يعني رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مالي معاملن جي سارَ سنڀال جي ذميواري به کين سونپي هئي * الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ظاهري وصال کان پوءِ حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ شام ملڪ (Syria) ڏانهن تشريف وٺي ويا ۽ آخر تائين اتي ئي رهيا * پاڻ رَضِیَ اللہُ عنہ سن 20 هجريءَ ۾ هن فاني دنيا مان رخصت ٿيا. سندن مزار مبارڪ شام ملڪ ۾ آهي.([2])
اسلام کا جمال ہے تیرے جمال سے سیرت تری ہے دِین کی اِک ترجماں بلال
کیا کیا ستم نہ ڈھائے تھے تجھ پر اُمَیَّہ نے اقرارِ حق سے پھسلی نہ تیری زباں بلال
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami