Share this link via
Personality Websites!
جيڪڏھن توھان آذان ڏيڻ ۽ ٻڌڻ جي باري ۾ وڌيڪ فضيلتون ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته امير اھلسنت جي مختصر رسالي فيضانِ آذان جو مطالعو ڪريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدرسة المدينه بالِغان
پيارا اسلامي ڀائرو! گناھن کان نفرت جو جذبو حاصل ڪرڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ خوب زور شور سان حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي سنورجي ويندي، اللہ پاڪ چاھيو ته دنيا کان بي رغبتي جي دولت به ملندي ۽ اخلاق ۽ ڪردار به سنورجي ويندا. 12 ديني ڪمن مان ھڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالِغان به آھي جنھن ۾ درست تجويد ۽ قرات سان قرآن ڪريم پڙھڻ سيکاريو ويندو آھي.
حديث پاڪ ۾ آھي: توھان ۾ بھتر اُھو آھي جيڪو قرآن سکي ۽ سيکاري. ([1]) * قرآن مجيد اللہ پاڪ جو ڪتاب آھي * ٻانهن ڏانهن رب ڪريم جو پيغام آھي * پر افسوس! اڄ مسلمان قرآن ڪريم کان تمام گهڻو پري ٿيندا پيا وڃن * ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏسي به درست قرآن مجيد پڙھڻ نه ايندو آھي * جن کي پڙهڻ ايندو آهي اُهي به تجويد ۽ مخارج جون اهڙيون غلطيون ڪندا آھن جن جي ڪري نماز ئي نه ٿيندي آھي.
الحمد للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم دعوتِ اسلامي مختلف مسجدن ۽ مارڪيٽن ۾ روزانو جي بنياد تي مدرسة المدينه بالغان جا ڪلاس لڳائي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami