Share this link via
Personality Websites!
جاہ و جلال دو نہ ہی مال و منال دو سوزِ بِلال بَس مری جھولی میں ڈال دو
دُنیا کے سارے غم میرے دِل سے نِکال دَو غَم اپنا یانبی مجھے بہرِ بِلال دو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ميدانِ محشر ۾ آذانِ بلال جي گونج
پيارا اسلامي ڀائرو! آذانِ بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو به ڇا ته نرالو شان آھي...!! قيامت واري ڏينھن سندن شان ۽ عظمت ڪهڙو ھوندو، روايت ٻڌو! ھڪ ڏينھن پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم انبياءِ ڪِرام علیہم السَّلام جو ذڪر فرمائي رهيا ھئا. قيامت جي ڏينهن انبياءِ ڪِرام علیہم السَّلام جو شان ڪھڙو ھوندو، اِھو موضوع ھو۔ غيبن تي خبردار نبي مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: حضرت صالح علیہم السَّلام روزِ قيامت پنھنجي ڏاچيءَ تي سوار ھوندا، مان براق تي سوار ٿي ايندس، پوءِ پاڻ ڪريمن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ ڏانھن نظر کنئي ۽ فرمايائون: بلال جو ھي شان ھوندو جو هي جنتي ڏاچيءَ تي سوار ھوندا، آذان چوندي ميدانِ محشر ۾ ايندا، بلال جي آذان جو آواز سڀ ٻڌندا، ان وقت انبياءِ ڪِرام علیہم السَّلام جون نگاھون به بلال تي لڳل ھونديون، جڏھن بلال آذان مڪمل ڪري وٺندا ته کين جنتي لباس پارايو ويندو۔ انبياءِ ڪِرام علیہم السَّلام ۽ شُھداء کان پوءِ بلال پھريون شخص ھوندو جنهن کي جنتي لباس ملندو.([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا ته بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جو شان آھي...!! يعني قيامت جي ڏينھن به آذانِ بلال جي گونج ھوندي، سمورا اھلِ محشر اُن پُرسوز آذان جو لطف
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami