Share this link via
Personality Websites!
دعا کان پوءِ سڀني چيو: بلال! اُها آذان جيڪا اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي ٻڌائيندا هئا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اُها ئي آذان ٻڌايو. حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ معذرت ڪئي ته هاڻي آذان نه ڏئي سگهندس، پهريان جڏهن آذان ڏيندو هئس ته اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمَّداً رَّسُولُ اللہ چوندو هئس ته سامهون چهرهءِ وَالضُّحٰی جي زيارت ڪندو هئس، اڄ جڏهن آذان چوندس ته ديدار کان محروم رهندس ته دل برداشت نه ڪري سگهندي، افسوس! اڄ مون کي اهڙي فرمائش لاءِ نه چئو! صحابه ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم اصرار ڪري رهيا آهن، حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ انڪار ڪري رهيا آهن، ايتري ۾ پياري آقا، رسولِ خدا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جا ننڍڙا ڏوهٽا امام حسن ۽ امام حسين رَضِیَ اللہُ عنہما تشريف کڻي آيا۔ حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ ٻنهي شهزادن کي پنهنجي سيني سان لڳايو، پيار ڪيو۔ هاڻي شهزادن چيو: بلال! اسان جي نانا جان، رحمتِ دوجهان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي جيڪا آذان ٻڌائيندا هئا، اڄ اُها ئي آذان ٻيهر ٻڌايو! ڀلا انهن شهزادن جي ڳالهه ڪيئن ٿي ٽاري سگهجي؟ حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ شهزادن جي حڪم تي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ آذان ڏيڻ واري جاءِ تي تشريف کڻي آيا، ڪنن تي هٿ رکيائون ۽ پُر سوز آواز ۾ چيائون: اللہُ اَکْبَرُ، اللہُ اَکْبَرُ۔
آذان جو اِهو پُرسوز آواز جڏهن مديني پاڪ ۾ گونجيو ته سرزمينِ مدينه تي هڪ لرزو طاري ٿي ويو، ڪُہرام مچي ويو، ماڻهن کان دانهون نڪري ويون، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ياد ۾ دليون بيتاب ٿي ويون۔ ننڍڙا ٻار پنھنجين مائرن کان چنبڙي پڇڻ لڳا: امڙ امڙ! حضرت بلال ته اچي ويا، اسان جا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ڪڏهن تشريف کڻي ايندا؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami