Share this link via
Personality Websites!
صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سفر کان واپسي تي سواري کي تيز ڪري ڇڏيندا ھئا، اُن وقت حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جي ڪيفيت ڪهڙي ھوندي؟ مديني منوره جي مٿان وَسندڙ نور، اتان جا روشن روشن در ۽ ديوارون ڏسي حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ بيتاب ٿي ويا ھوندا، دل ۾ محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ديدار جي تڙپ اڃان وڌيڪ وَڌِي وئي ھوندي، دل تڙپي پئي ھوندي، دل ڌَڪ ڌَڪ ڪري رهي ھوندي.
الله اَکْبَر! حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ مديني پاڪ پھتا پر افسوس! حضور، جانِ ڪائنات صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم مسجد ۾ نه آھن، ازواج پاڪ جي حجرن ۾ به نه آھن، افسوس! غلام کي شام ملڪ مان گهرايائون ۽ پاڻ پردي ۾ تشريف فرما آھن.
کیوں آنکھ مِلائی تھی، کیوں آگ لگائی تھی
اب رُخ کو چھپا بیٹھے، کر کے مجھے دِیْوانہ
حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ حضور صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي مزارِ پُر انوار تي حاضر ٿيا، پنھنجو چھرو مزار پاڪ جي مبارڪ خاڪ سان مَلي رهيا هئا، روئي رھيا ھئا، ڄڻ ته ھيءَ عرض ڪري رھيا ھئا:
اُٹھا دو پردہ، دِکھا دو چہرہ کہ نُورِ باری حِجاب میں ہے
زمانہ تاریک ہو رہا ہے کہ مہر کب سے نقاب میں ہے([1])
اہلِ مدينه کي حضرت بلال رَضِیَ اللہُ عنہ جي آمد جي خبر ٿي چڪي هئي، ڪيترائي صحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم مؤذنِ رسول سان ملڻ لاءِ حاضر ٿيا. سلام ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami